کنڀيل شاگرد جي بازيابي لاءِ  احتجاج، آرمي چيف کي اپيل

کنڀيل شاگرد جي بازيابي لاءِ احتجاج، آرمي چيف کي اپيل

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) سول سوسائٽي طرفان سنڌ يونيورسٽي جي ذھين شاگرد گلشير ٽڳڙ کي 27 مهينن کان کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.  ان موقعي تي شهرين گلزار ملاح اعجاز ميمڻ لياقت ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلع مٽياري جي ڳوٺ محمد اسحاق ٽڳڙ جي  رهواسي سنڌ يونيورسٽي جي ذھين ۽ 3 ڀيرا  گولڊ ميڊلسٽ شاگرد  گلشير ٽڳڙ کي ڪراچي جي گهگهر ڦاٽڪ واري علائقي مان  کنڀي گم ڪيو ويو آھي. جنهن کي 27 مهينن کان ظاهر نٿو ڪيو وڃي جنهن جو ڪنهن به سياسي جماعت سان ڪوبه تعلق ناهي.  جنهن سبب سندس وارث  سخت پريشان آھن ھنن وڌيڪ چيو ت جيڪڏهن گلشير ڪو ڏوهه ڪيو آھي ته ان کي ملڪ جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي هنن وزير اعظم پاڪستان چيف آف آرمي اسٽاف وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو  ڪيو ته گلشير کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو