ٺٽو(ن سنڌيار) جھمپير، ميٽينگ ۽ ان جي آسپاس ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ڪوئلي جون کاڻيون بند ٿيڻ ڪري بيروزگار ٿيل ھزارين پورھيت بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل، سندن دانھن جو سنڌ سرڪار سميت ضلعي انتظاميہ ٺٽو توڙي چونڊيل نمائندن بہ داد فرياد نہ ڪيو، پورھيت سراپا احتجاج بڻجي ٻيھر ٺٽو/حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري روزگار بحال ڪري فاقہ ڪشي کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي بيروزگار ٿيل سوين پورھيتن بند ٿيل ڪوئلي جون کاڻيون چالو ڪري کين روزگار مھيا ڪرڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو اونگر لڳ ڳوٺ ارباب ڀائي خان ٻٻر اسٽاپ تي ٺٽو/حيدرآباد مين نيشنل هاء تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏيئي احتجاج ڪندي پورهيت اڳواڻن منظور ٻٻر، وڏيرو طيب ٻٻر، مبين ٻٻر، عبدالحفيظ ٻٻر، الھبچايو چانگ ۽ ٻين چيو تہ گذريل ڏيڍ مهيني کان جھمپير، ميٽينگ ۽ ان جي اسپاس سموريون ڪوئلي جون کاڻيون بند هئڻ ڪري اسان ھزارين پورھيت فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھيون، پر سرڪار اسانجي ڪابہ سار لھڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري مجبور ٿي ٻيھر احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهيون، هنن وزير اعلي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪوئلي جي کاڻيون سيفٽي رول مطابق کولي کين روزگار مھيا ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ضلعي ڪائونسل اونگر جي پ پ پ پاران نامزد ڪيل اميدوار حاجي معشوق شفيع پھچي پورهيتن کي يقين دھاني ڪرائي تہ سندن پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي قيادت، پ پ پ جي چوہڊيل نمائندن سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سان ڳالهيون هلندڙ آهن، انشاالله جلد ڪوئلي جون کاڻيون سيفٽي رول مطابق کولي کين روزگار مھيا ڪرڻ سان گڏ کين رليف ڏياريو ويندو، جيئن ھو پريشاني کان بچي سگھن. جنھن بعد احتجاج ڪندڙن حاجي معشوق شفيع ٻٻر کي مان ڏيندي احتجاج ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو.










