کاڌي واريون شيون مهانگيون، نوٽيفڪيشن جاري

کاڌي واريون شيون مهانگيون، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو)يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي شين جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پاران جاري ٿيل پڌرائي موجب مختلف برانڊز جي شين جي اگهن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ سان گڏ نون اگهن جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي نوٽيفڪيشن موجب مختلف برانڊز جي 900 گرام چانهه جي پتي 400 رپيا تائين مهانگي ڪئي وئي آهي جنهن جو اگهه وڌي 1305 رپيا ٿي ويو آهي جڏهن ته ٽي وائٽنر جي اگهن ۾ به 100 رپيا اضافو ٿيو آهي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز تي ٻهاري جي اگهه ۾ 9 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ 200 گرام ڇوهاري جي اگهه ۾ به 40 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي ان کانسواءِ ڪڇ، نوڊلز، سيون ۽ نمڪو جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ٻارن جو 800 گرام کير جو پيڪيٽ 260 رپين تائين مهانگو ٿي ويو آهي، هڪ ڪلو اچار جو پيڪ 57 رپيا، 100 گرام مرچن جو اگهه 84 رپيا ۽ 100 گرام گرم مصالحي جو اگهه 42 رپين تائين مهانگو ٿيو آهي نوٽيفڪيشن موجب ماکيءَ جي 300 گرام جي بوتل 100 رپيا مهانگي ٿي آهي جڏهن ته 55 گرام کيرڻي جو پيڪ 20 رپين تائين مهانگو ٿي ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو