ڦل ۾ ڊي ايف سي ٽيم جا گدامن تي ڇاپا،جهيڙو،عملو زخمي

ڦل ۾ ڊي ايف سي ٽيم جا گدامن تي ڇاپا،جهيڙو،عملو زخمي

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ڦل شھر ۾ واپارين جي ڪڻڪ ڄي گدامن تي ڊي ايف سي جا ٽيم ساڻ ڪري ڇاپا واپاري ۽ فوڊ انسپيڪٽر ۾ جھيڙو فوڊ انسپيڪٽر سندس ملازم ۽ واپاري زخمي فوڊ وارن ٿاڻي تي ايف آء آر لاء پھتا خبر موجب ڦل شھر ۾ فوڊ کاتي جي ڊي ايف سي نوشھروفيروز نزاڪت ھسباڻي فوڊ انسپيڪٽرن ۽ ملازمن جي ٽيم ساڻ ڪري حافظ حنيف سومرو جي گدام تي ڇاپو ھنيو جنھن تي واپاري حافظ حنيف سومرو فوڊ انسپيڪٽر قمر الدين ميمڻ ۽ عاشق مگڻھار کي گار گند ڪئي ته جھيڙو ٿي پيو جنھن تي انسپيڪٽر ۽ ملازم ۽ واپاري ھڪ ٻي مڪن جو وسڪارو لاھي ڏنو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنھن بعد ڊي ايف سي عملو ساڻ ڪري ڦل ٿاڻي پھتو ۽ واپاري خلاف اين سي داخل ڪرائي ٻئي طرف واپاري به ٿاڻي تي ليٽر وٺڻ لاء پھتو ڦل پوليس ڪابه گرفتاري نه ڪئي ٻئي طرف ڊي ايف سي نوشھروفيروز نزاڪت ھسباڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان اڄ ڦل شھر ۾ مختلف واپارين جي ڪڻڪ اسٽاڪ ڪيل واپارين جي گدامن تي ڇاپا ھڻي رھيا ھياسين ته حافظ حنيف سومرو وڏي بتميزي ۽ ملازمن کي گار گند ڪري انھن سان وڙھيو آھي جنھن جي ايف آء آر لاء ڦل ٿاڻي پھتا آھيون ٻئي طرف واپاري حافظ حنيف سومرو چيو ته صرف مونکي ٽارگيٽ ڪيو ويو ٻيا واپاري ڪڻڪ ٽرالن ذريعي ٻاھر موڪلي رھيا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو