ڦر ٿيل موبائل فونز جي آءِ ايم آئيڊيز تبديل ڪندڙ دڪاندار گرفتار

ڦر ٿيل موبائل فونز جي آءِ ايم آئيڊيز تبديل ڪندڙ دڪاندار گرفتار

دادو: (ن س) دادو ۾ ڦر ٿيل موبائل فونز جي آءِ ايم آئيڊيز مٽائيندڙ دڪاندار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سئنيما چونڪ تي پوليس ڪاروائي ڪندي چوري ۽ ڦر ٿيل موبائل سيٽ جي آءِ ايم اي تبديل ڪرڻ جي الزام ھيٺ راشد چارڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب گرفتار دڪاندار راشد چارڻ لکين رپين جي ماليت جون ڦر ٿيل ۽ چوري ٿيل موبائل فون جون آءِ ايم ايز تبديل ڪري وڪرو ڪندو آھي، جوابدار وٽان وڏي تعداد ۾ موبائل فون ھٿ آيون آھن، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو