مبارڪپور(ن سنڌيار)ڳوٺ عبدالحڪيم کوسو جو رھواسي رٽائرڊ پوليس اھلڪار ڌاڙيلن ھٿان رتورت ، لاڙڪاڻي کان فيملي سان گڏ ڳوٺ طرف اچي رهيو ھئس ته ڌاڙيلن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نه ڏيڻ تان حملو ڪيو ويو. 55 سالن جي رٽائرڊ پوليس اھلڪار حافظ عبدالحليم کوسو ٻڌايو ته ڳڙهي ياسين ڀرسان پنج نامعلوم ھٿياربندن کيس روڪي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڌاڙيلن کيس مٿي ۾ ڌڪ ھڻي رتو رت ڪري ڇڏيو، دانهون ڪرڻ تي هو زخمي ڪري فرار ٿي ويا. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.










