ڏکڻ پنجاب لاءِ آئيني ترميم ۽ 500 ارب فنڊ جو اعلان

ڏکڻ پنجاب لاءِ آئيني ترميم ۽ 500 ارب فنڊ جو اعلان

ميلسي(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ميلسي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ايتريون فرمائشون ڪيون ويون آهن جو لڳي ٿو ته 74 سالن ۾ هتي ڪجهه ناهي ٿيو. هن ڏکڻ پنجاب لاءِ 500 ارب روپين جي اضافي بجيٽ خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان وڌيڪ خوشخبري اوهان لاءِ اها آهي ته قومي اسمبلي ۾ ڏکڻ پنجاب جي صوبي ٺاهڻ لاءِ آئيني ترميم آڻينداسين ۽ ڏسجو ته پي پي ۽ نون ليگ ڇا ٿا ڪن. هن چيو ته هارين کي جيترو پيسو اسانجي دور ۾ مليو ايترو ڪڏهن ناهي مليو، مڪئي جي قيمت وڌي 40 کان 50 هزار روپيا في ايڪڙ تي فائدو ٿيو، ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس وڌڻ سبب في ايڪڙ تي 25 کان 30 هزار اضافي رقم ملي، ڪپهه جي هڪ ايڪڙ تي 70 کان 80 هزار اضافي رقم ملي. هن چيو ته يوريا جو بحران سڄي دنيا ۾ هيو، اسين ڀاڻ فيڪٽرين کي گيس ڏني آهي هڪ لک ٽن ڀاڻ چين مان هفتي ۾ پهچي ويندو. دنيا ۾ جنهن قيمت تي ڀاڻ وڪرو ٿئي ٿو ان کان پنجوڻ تي گهٽ قيمت تي ڀاڻ ملندو حڪومت 132 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته چورن جي ٽولي هن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، مٿان ڪورونا جو صدين ۾ ايندڙ بحران آيو جنهن مان ماڻهن ۽ معيشت کي بچايو. عمران خان چيو ته آمريڪا ۾ 40 سال، برطانيا ۾ 30 سالن ۽ جرمني ۾ 26 سالن بعد مهانگائي آئي آهي پوري دنيا ۾ مهانگائي آهي، اسين رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪئي جنهن سبب 10 روپيا پيٽرول ۽ 5 روپيا بجلي گهٽ ڪئي. منهنجو واعدو آهي جيتري ٽيڪس وڌيڪ ملندي ان جو عوام کي رليف ملندو. هن نواز شريف جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جنهن ڏينهن لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙي جا پيسا واپس آندا ته پيٽرول جو اگهه اڌ گهٽ ڪندس. هن مولانا فضل الرحمان کي فضلو ڊيزل سڏيندي چيو ته ان تي به مان ڳالهائيندس. عمران خان چيو ته يورپي يونين جي سفير خط لکيو ته روس جي يوڪرين تي حملي جي مذمت ڪريو، مان پڇان ٿو ته ڇا انڊيا کي به اوهان خط لکيو آهي؟ هن چيو ته اسان آمريڪا لاءِ جنگ وڙهي ۽ آمريڪا سان تي حملا ڪيا پر چور حڪمرانن انهن کان پڇاڻو نه ڪيو ۽ چپ رهيا. هي چپ ان ڪري رهيا ته ڪٿي سندن ملڪيتون نه ضبط ٿي وڃن. اسين جنگ ۾ ڪنهن جو ساٿ نه ڏينداسين، امن جو ساٿ ڏينداسين،اسين ڪنهن ڪيمپ جو حصو نه آهيون.

اپوزيشن تي تنقيد

وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي ڀرپور تنقيد ڪندي چيو ته هي ڀڳوڙو ٽي ڀيرا وزياعظم ٿيو، لنڊن ۾ اربين روپين جي محل ۾ ويٺا آهن، سندن پٽن کان پڇون ٿا پيسا ڪٿان آيا چون ٿا اسين پاڪستان جا شهري ئي نه آهيون. نواز شريف ٻه ڀيرا سودو ڪري ٻاهر ويو، هن ڀيري بيماري جي وڏي ايڪٽنگ ڪري ڌوڪي ڪري ٻاهر ويو. اٽڪ جيل ۾ ٽشو پيپر ختم ٿي ويا هن جا ڳوڙها ختم نه ٿيا هئا. شهباز شريف جي پٽيوالي جي اڪائونٽ مان ڪروڙين روپيا نڪتا، هو 6 ارب جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي. جيڪو بوٽ نظر اچيس ٿو ان جي پالزرداري بمبئي سئنيما تي بليڪ تي ٽڪيٽون وڪڻندو هو دنيا ۾ 10 پرسينٽ جو لقب مليس. سري محل خريد ڪيائين، سوئزرلينڊ ۾ 6 ڪروڙ ڊالر هئس، پيسا پاڪستان کي ملڻا ٿيا ته مشرف کيس اين آر او ڏنس. هن چيو ته هي فضلو دين جي نالي پيسا ميڙي ٿو، مان ۽ تون ٻئي هڪ عمر جا آهيون ۽ ڪنهن به وقت الله وٽ وڃي سگهون ٿا، تون ڊيزل جا پرمٽ وڪڻي امير ٿيو آهين. خدا جو خوف ڪر، تون ماڻهن کي چوين ٿو ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، توکان وڏو ايجنٽ ڪير آهي؟ الله توکي ڪڏهن معاف نه ڪندو. هن ميڊيا کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميڊيا جو ڪردار غيرجانبدار هوندي آهي، اوهانجي ذميواري آهي، ڪرپٽ ۽ سزا يافتا ماڻهن جي حمايت نه ڪريو، سٺائي جي حمايت ڪريو. هن چيو ته اپوزيشن جيڪو ڪجهه ڪري مان اوهان جو مقابلو ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو