ڏيڍ مهينو اڳ برطانيا جي وزيراعظم بڻجندڙ لز ٽرس پاران استيعفيٰ جو اعلان

ڏيڍ مهينو اڳ برطانيا جي وزيراعظم بڻجندڙ لز ٽرس پاران استيعفيٰ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم لز ٽرس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو.برطانوي ميڊيا موجب لز ٽرس بادشاهه چارلس سان ملاقات ۾ کيس پنهنجي استعيفيٰ کان آگاهه ڪيو.لز ٽرس چيو ته مان معيشت جي بهتري جو عزم کڻي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو پر ان مينڊيٽ کي پورو نه پئي ڪري سگهان. سندس چوڻ هو ته مان نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين ذميواريون نڀائيندي رهنديس.

پهنجو تبصرو موڪليو