اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ)محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه ملهائي وئي پارليامينٽ هائوس ۾ تقريب جي ميزباني سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪئي تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سينيٽر رضا رباني، يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان بهرام تنگي شرڪت ڪئي.تقريب ۾ وفاقي وزير احسان مزاري، سينيٽر تاج حيدر، فاروق نائيڪ، شهادت اعواڻ، روبينا خالد پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو سينيٽر سليم مانڊوي والا سميت سمورن ميمبرن محترمه شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو وزيراعليٰ هائوس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي 69هين سالگرهه جي تقريب ڪوٺائي وئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب جي صدارت ڪئي سيد مراد علي شاهه محترمه بينظير ڀٽو جي بهادري، عظمت ۽ جدوجهد تي ڳالهايو ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه. چيو ته اڄ جمهوريت جي عظيم قائد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي اڄ محترمه بينظير ڀٽو کي نه رڳو پارٽي ڪارڪنن پر پوري اسلامي دنيا ۽ دنيا ۾ ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.محترمه بينظير ڀٽو ثابت قدمي، جدوجهد ۽ جمهوريت جي علامت هئي ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن سان گڏ بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪابينا جي ميمبرن ”هيپي برٿ ڊي محترمه بينظير ڀٽو“ گيت ڳايا. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور وساڻ، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، مڪيش چاولا، اسماعيل راهو، سعيد غني، گيان چند اسراڻي، تنزيلا اما حبينا، ضياءَ عباس، وقار مهدي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










