ڏينهن ڏٺي جو ڦر، پوليس  چپ، متاثرن جو احتجاج

ڏينهن ڏٺي جو ڦر، پوليس چپ، متاثرن جو احتجاج

ڳڙهي ياسين(ن س) نبي شاه وڳڻ ٿاڻي جي حد مان 6 ھٿياربندن پاران جان محمد مري ۽ خير محمد مري کان موٽر  سائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر، اطلاح باوجود پوليس ڪاروائي نه ڪئي، متاثرن جو ڳڙھي ياسين پريس ڪلب ۾ پوليس خلاف  احتجاج ۽ انصاف جي گهر. ان موقعي تي خير محمد مري داهيندي چيو ته رتوديرو کان پٽ جان محمد مري سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڳوٺ عطا محمد مري ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته شادي خان لاڙي وٽان 6 هٿياربندن اسان کي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل  موبائل فون روڪ رقم فر ڪري فرار ٿي ويا. اطلاح باوجود نبي شاه ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي نه ڪئي. هنن آء جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان گهر ڪئي ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪرئي علائقي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو