ڏينهن رات ڪم ڪريو پيا، چونڊن کان اڳ بهتري جي ڪوشش ڪنداسين: ڊار

ڏينهن رات ڪم ڪريو پيا، چونڊن کان اڳ بهتري جي ڪوشش ڪنداسين: ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان جي ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، اميد آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڊرامو 5 سال اڳ شروع ٿيو هو، اڄ پاڪستان ان جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ معيشت مضبوط ٿي رهي هئي، اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ڏکڻ ايشيا ۾ بهترين هئي ۽ پاڪستان دنيا ۾ پنجين نمبر تي هئي. سندس چوڻ هو ته پنجن سالن ۾ پاناما ڊرامو ٿيو، ن ليگ مان جان ڇڏائي، اهڙن واقعن جو شڪار پاڪستان اڄ ڀوڳي رهيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ دنيا جا سمورا ادارا اسان ڏانهن ڏسي رهيا هئا، افسوس آهي ته ڪٿي؟ اسان پنجن سالن کان پوءِ بيٺا آهيون؟گذريل سال پاڪستان جي معيشت دنيا جي 45هين معيشت هئي، 24هين معيشت مان 20هين معيشت ۾ داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي، ڇا سبب آهي جو اسان ان اڳڪٿي باوجود 47هين معيشت بڻجي ويا آهيون.ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي بيشمار چئلينجز درپيش آهن، شهباز شريف جي قيادت ۾ پوري ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، ارادي ۽ محنت جي ضرورت آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، شهباز شريف جي قيادت ۾ ئي ڪوششون ڪنداسين. پاڪستان جون حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ سندن ڀرپور ڪوششون ٿينديون، اليڪشن کان اڳ بهتري لاءِ ڪوششون ڪنداسين، معيشت جي بهتري لاءِ ڪير ڪم ڪيو ان جي تاريخ اوهان وٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو