ڏير جي قيد مان بيواھ عورت وجھه وٺي ٿاڻي پھچي وئي

خانپورمھر(آفتاب سيال) ڪراچي واسڻ بيواھ عورت 4ٻارن جي ماء مسمات وزيران زال مرحوم محمد عظيم لنڊ بااثر ڏير مولا بخش لنڊ جي مبينا قيد مان وجھه وٺي چار ٻارن سميت رات جي وقت خانپورمھر ٿاڻي جي مير موڙ پوليس چوڪي تي پھتي جتان عورت کي خانپورمھر ٿاڻي تي آندو ويو. هن ٻڌايو ته 6 مھينا اڳ منھنجو مڙس محمد عظيم لنڊ فوت ٿي ويو جنھن بعد آءُ پنھنجي پيء محمد پناھ لنڊ وٽ ڪراچي ۾ رھندي ھيس، منھنجي با اثر ڏير مولا بخش لنڊ پنھنجي ساٿين رمضان.زمان ۽ احسان لنڊ سان گڏجي مونکي ڪراچي مان اغوا ڪري خانپورمھر لڳ ڳوٺ سوڀو لنڊ م ٽن مھينن تائين قيد رکيو ۽ منھنجي مٿان شادي لاء دٻاء پڻ وڌو . شادي کان انڪار تي تشدد پڻ ڪيو ويندو رات وجھ وٺي جوابدارن وٽان فرار ٿي پوليس وٽ پھتي آھيان.  بيواھ عورت وڌيڪ ٻ+ايو ته  منھنجي ڏير منھنجي ڀاء معشوق لنڊ سميت منھنجي ٻين مائٽن مٿان  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي انھن کي جيل حوالي ڪرائي ڇڏيو آهي. هن  مطالبو ڪيو ته مونکي والدين وٽ پھچايو وڃي.  خانپورمھر پوليس موجب عورت کي عدالت م پيش ڪيو ويندو وڌيڪ ڪاروائي بعد ۾ ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو