ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين پوليس جوابدار گرفتار نه ڪندي

ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين پوليس جوابدار گرفتار نه ڪندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا پوليس رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهندي. بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان جي فوجداري انصاف جي نظام ۾ نقص آهي، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ سان ئي ملزم کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، پر هاڻي ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين ڪابه گرفتاري نه ڪئي ويندي. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته بي گناهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو جن سان جيلن ۽ عدليه تي بار وڌي ٿو، ان ڳالهه کي محسوس ڪندي ، سنڌ سرڪار قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان ترميم بعد اهو ضروري نه هوندو ته ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ضروري آهي ته جاچ آفيسر وٽ ٺوس ثبوت هجن.ڪجهه ڪيسن ۾ ، جاچ آفيسر پنهنجي اعليٰ آفيسر کان منظوري وٺڻ کانپوءِ ملزم کي گرفتار ڪندا آهن. سنڌ ڪابينا تشدد ۽ ملڪيتن کي نقصان کان روڪڻ لاءِ ترميمي بل جي به منظوري ڏني، بل موجب اسپتالن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڊاڪٽرز تي تشدد جي واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، هاڻي ڪنهن اسپتال ۾ مريض جي وارثن ڀڃ ڊاهه يا تشدد ڪيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس دوران انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ٽوئرزم جو پلاٽ چيني سفارتخاني کي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ مسجد رضوان ٽرسٽ کي هڪ لک روپي في ايڪڙ جي حساب سان 10 ايڪڙ زمين قبرستان لاءِ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ان تي وڏي وزير چيو ته هڪ اٿارٽي قائم ڪنداسين جيڪا قبرستان جي زمين الاٽ ڪندي ۽ ريگيوليٽ به ڪندي، وڏي وزير چيو ته هلندڙ سال 1669 نيون ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون آهن، کاتن کي فوڪس ڪري هن سال ڪم ختم ڪرڻو آهي، سمورا وزير ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏين، ان موقعي ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي ڪابينا کي سنڌ پبلڪ فنانشل مئنيجمينٽ ريفارم اسٽريٽجي تي بريفنگ ڏني، جنهن تي وڏي وزير چيو ته هن ۾ ٽرانسپرينٽ پگهارون ۽ پينشنز جا خرچ به شامل آهن، ترجمان موجب سنڌ ڪابينا گاڏين جي قانون ۾ ترميم ڪئي آهي، ان ترميم تحت بي آر ٽي، ڪوريڊور جا الفاظ شامل ڪيا ويا آهن ۽ ان جي تشريح ڏني وئي آهي، بي آر ٽي بسز کي روٽ پرمٽس جي ضرورت نه هوندي، هو ماس ٽرانزٽ جي اجازت سان هلنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو