ڏهرڪي (ن سنڌيار) بدنام ڏوهاري محراب شر بدران بيگناهه ڳوٺاڻي عبدالله شر کي 3 سال جيل ڪاٽڻ تي مجبور ڪندڙ گهوٽڪي پوليس جا 17 عملدار نوڪرين مان برطرف، ڊي آءِ جي سکر انڪوائري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پوليس عملدارن کي برطرف ڪري ڇڏيو، برطرف پوليس عملدارن ۾ انسپڪيٽرز مجيد آرائين، ابراهيم سومرو، سب انسپيڪٽر جبار مهر،2 وڏا منشي ساجد دايو، رشيد ٿهيم، 3 اي ايس آئي مختيار ميراڻي، بشير آرائين، خميسو ڪوري ۽ ٻيا اهلڪار شامل آهن، نوڪرين مان برطرف ٿيل پوليس اهلڪار ان وقت رائونتي ٿاڻي تي مقرر هئا.










