ڏوهارين جو گروھ گرفتار، سامان برآمد

ڏوهارين جو گروھ گرفتار، سامان برآمد

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو)  ڊي ايس پي يار محمد رند چيو آهي ته تالا ٽوڙي چوريون ڪندڙ ڏوهارين جو هڪ گروھ  گرفتار ڪري انهن وٽان مختلف وقتن تي دوڪانن ۽ گهرن مان چوري ٿيل سامان برآمد ڪري ورتو آهي، ڊي ايس پي گهوٽڪي يارمحمد رند ايس ايڇ او، اي سيڪشن آغا شمشاد پٺاڻ، ايس ايڇ او بي سيڪشن برڪت ڀٽي ۽  ايس ايڇ او عادلپور حنيف کوسو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايوته  پوليس عمران منظور آرائين،عبدالرحمان مهر ۽ ساجن مهر کي گرفتار ڪري جاچ دوران انهن وٽان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رڪ فارم ،گهوٽڪي ۽ عادلپور ۾ دوڪانن جا تالا ڀڃي چوري ڪيل سامان برآمد ڪيو آهي, برآمد ڪيل سامان ۾ جنرل اسٽورن مان چوري ٿيل سامان،سولر پليٽون ۽ ايل سي ڊي ۽ موٽرسائيڪل اسپيئر پارٽس شامل آهن،

ڊي ايس پي گھوٽڪي يار محمد رند ٻڌايو ته چورن جي گروه جي ٻين ساٿين جي به خبر پئجي وئي آهي جن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو.ڊي ايس پي جو چوڻ هيو ته اليڪشن ۾ سموري پوليس  فورس مصروف هئي ته مٿان وري عيد وري محرم الحرام، اسانجي اولين ترجيح هئي ته انهن اهم مذهبي موقعن تي ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. ان سلسلي ۾ اسين ڪامياب وياسون، جيئن ئي ٽائيم مليو ته ايس ايڇ اوز ۽ سندن جي ٽيم جي  ڪاوشن جي عيوض چوري ٿيل سامان برآمد ٿيو آهي،هن زور ڏيندي چيو ته اسٽيڪ هولڊرس اسان سان گڏجي ڪم ڪن ۽ عوامي آگاهي مهم هلائن جتي ڪو به ڏوهه ٿئي ٿو اسانکي ٻڌائين،موٽرسائيڪلن کي چين وارو تالو لڳائڻ تي زور ڏين ته جيئن اها واردات به گهٽجي ان سڄي عمل ۾ اسانکي عوام جي تعاون جي ضرورت آهي، گذريل سال جي ڏوهن جا انگ اکر پيش ڪندي هن ٻڌايو ته گذريل سال ڪارو ڪاري تحت 6 قتل ٿيا هئا جڏهن ته هن سال 3 ٿيا، موٽرسائيڪلون گذريل سال 80 چوري ٿيون هيون جڏهن ته هن سال 46 ، اغوا جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو جڏهن ته گيمڙو ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان ظهير سيال اغوا ٿي ويو هو جنهنکي اسين مقابلي کانپوءِ بازياب ڪرايو،آخر ۾ هن  چيو ته اسين ڪجھ شيون برآمد ڪرايون آهن جڏهن ته وڌيڪ اسانکي ٻين وارداتن ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي جنهن جي جاچ ڪري رهيا آهيون اها به جلد خوشخبري عوام آڏو هوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو