ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) ٽنڊوباگو شھر ۾ الله واري چوڪ ڀرسان آچر ڏينهن صبح جو 4 بجي غلام حيدر ڌوٻي جي دڪان کي بجلي جي تارن مان باه لڳڻ ڪري، دڪان ۾ پيل 4 هزار کان وڌيڪ ڪپڙن جا جوڙا، استريون، گئس سلينڊر سميت ڪپڙن استري ڪرڻ واريون ٽيبلون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. دڪان مالڪ غلام حيدر بڪاري ٻڌايو ته سندس لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس مدد ڪئي وڃي.










