اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني عمران خان کي 20 مارچ تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدرگيلاني عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان جي غيرموجودگي ۾ ناقابل ضمانت وارنٽ رد نه ٿا ٿي سگهن. پراسيڪيوٽر چيو ته پوليس جڏهن گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد لاءِ پهتي ته مٿن پيٽرول بم اڇلايو ويو، پوليس اهلڪارن مٿن تشدد ڪيو، عمران خان جي ضمانت به رد ڪئي وڃي.عدالت عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي کيس 20 مارچ تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










