ڌماڪي سان فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب 12 فوت 2 زخمي

ڌماڪي سان فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب 12 فوت 2 زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ) شاهدره لڳ پيرزاده ڪالوني ۾ پرفيوم جي فيڪٽري ۾ سلينڊر ڦاٽن سبب لڳل باهه جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو فوت ۽ 2 ٻيا زخمي ٿي پيا. باهه تي ته ريسڪيو وارن ڪنٽرول ڪري ورتو پر فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب ماڻهو مري ويا. سلينڊر ڦاٽن سبب ڌماڪو ٿيو ته ٻه ماڙ عمارت پٽ پئجي وئي جنهن سبب ڀر واري نمڪو جي فيڪٽري به تباهه ٿي وئي. ريسڪيو ٽيم جي انچارج رانا اعجاز ميڊيا کي ٻڌايو ته باهه لڳڻ مهل 15 مزدور موجود هئا ۽ اڪثر ڪري ڇت ڪرڻ سبب ملبي م دٻجي فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن م فيڪٽري جو مالڪ غلام رسول به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو