اسلام آباد (ويب ديسڪ) فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته جي يو آءِ جو ڌرڻو هڪ سياسي سرگرمي آهي جنهن ۾ فوج جي بطور ادارو ڪو ڪردار ناهي. هم نيوز کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته حڪومت اليڪشن ۾ نه گهرائيندي ته فوج نه ويندي. فوج جي خواهش ناهي ته هو اليڪشن ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري، فوج اهو ڪجهه ڪندي آهي جيڪو ان کي چيو ويندو آهي. فوج کي سيڪورٽي لاءِ گهرايو ويندو آهي ۽ فوج حڪومت جي چوڻ تي عمل ڪندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسين 20 سالن کان ملڪي سلامتي ۽ دفاع جي ڪمن ۾ مصروف آهيون جيڪي اسانکي ٻين معاملن ۾ ملوث ٿيون يا الزام تراشين جو جواب ڏيون. مان جيڪو بيان ڏيندو آهيان اهو فوج جي ترجمان جي حيثيت ۾ ڏيندو آهيان.










