ڌاڙيلن هٿان قتل ٿيل ٻن ڳوٺاڻڻ جي تدفين

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد حسين بنگوار) ڏوهارين جي حملي ۾ قتل ٿيل چاچڙ برادري جي ٻن ڄڻن جي جنازه نماز ادا ڪري سندن تدفين ڪئي وئي. ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر ٿاڻي حد اندر ڪچي ۾ ڳوٺ ڄام سونهارو چاچڙ ۾ ڌاڙيلن پاران حملي ۾ گذريل ڏينهن 3 ڄڻا قتل ٿيا هئا، جن مان هڪ ڄڻي جو مڙھ اڃان ڌاڙيلن وٽ آهي باقي 2 ڄڻن جي جنازه نماز ادا ڪئي وئي، ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ڄام سونهارو چاچڙ ۾ ڌاڙيلن جيئند جاگيراڻي ۽ ٽڪر سبزوئي گينگ جي حملي ۾ قتل ٿيلن ٻن ڄڻن جي جنازه نماز ڳوٺ ڄام سونهارو چاچڙ ۾ ادا ڪئي وئي، ٻنهي ڄڻن جا مڙھ مٽي ماء حوالي، جنازه نماز ۾ چاچڙ قبيلي جي سردار پپو خان چاچڙ ۽ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، 2 ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ ڄام سونهارو چاچڙ تي هٿياربندن جديد هٿيارن سان حملو ڪري 3 ٽن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ ٻار سميت ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو هو، واضح رهي ته ڌاڙيلن جي ساڳي ٽولي ڏيڍ مهينو اڳ ساڳي ئي چاچڙ برادري جي 9 نون ڄڻن کي حملو ڪري قتل ڪيو هو۔

پهنجو تبصرو موڪليو