ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز، ٺڪاڻا تباهه، پڪٽون قائم

سکر(بيورو رپورٽ ) شاھ ٻيلي جي ڪچي ۾ انعام يافته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آھي ڪجھ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن جنھن تي پوليس جا جوان آپريشن لاءِ تيار آھن ۽ ڌاڙيلن جا لنگھ بند ڪيا ويا آھن. انعام يافته ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي نگراني ھيٺ مين پڪٽ تي پوليس پاران ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن تي مارٽر گولن جي وسيلي ڏوھارين مٿان فائرنگ ڪئي مبينا پوليس جي فائرنگ ۾ بدنام ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا تباھ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي ۽ چيو ويو آهي ته سنڌ پوليس هاڻي ڪنهن به سماج دشمن عناصر کي بخش نه ڪندي ڌاڙيلن خلاف وڌيڪ آپريشن تيز ڪري انهن جو صفايو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو