ڌاڙيلن جي قيد مان آزادي بعد عورت وارثن حوالي

ڪنڌڪوٽ(ن س) ساھيوا پنجاب جي رھواسڻ عورت مسمات حنيفان خاتون ڌاڙيلن جي قيد مان ڀڄي ٿاڻي پھتي اي سيڪشن پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مغوي عورت مسمات حنيفان ڌي غلام محمد سنڌ يارسان سان ڳالهائيندي چيوته مان پنهنجي گهران سامان وٺڻ لاءِ شھروڃي رهي هيس ته رستي ۾  نامعلوم ماڻھن پاران زبردستي اغواڪري ڪار اندر ويهاري ڪچي جي علائقي ۾کڻي آيا ھن ٻڌايوته ڌاڙيلن پاران گذريل چئن مھينن کان قيدڪري رکيوويو۽تشددجونشانوپڻ بڻائيندارھنداھئا.ھن ٻڌايوته مان ڌاڙيلن کي پنهنجي آزادي لا۽ پوتي ۽ ٻچن جاواستاڏيندي رحيس پرکين ڪوبه رحم نه آيو۽ گذريل رات زندگي تان ھٿ ڌوئي رات جي اونڌاھي ۾ ڪچي مان ڀڄي اچي ڪنڌڪوٽ ٿاڻي تي پھتم.جڏھن ته ان موقعي تي ايس.ايڇ.او اي سيڪشن عبدالحفيظ چاچڙرابطي تي ٻڌايوته مغوي عورت ڪچي مان ڌاڙيلن کان ڀڄي ٿاڻي پهتي ۽عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيوويو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو