ڪنڌڪوٽ (عبدالنبي ملڪ) آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، پوليس آفيسرن کي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ آپريشن تيز ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيندي سندن ڪردار جي ڀرپور تعريف ڪئي. هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر کان ڪنڌ ڪوٽ پهتل آءِ جي کي آر پي او سکر، لاڙڪاڻو ۽ ڪنڌڪوٽ ڊويزن جي ڊي آءِ جي امن امان بابت بريفنگ به ڏني. آءِ جي سنڌ پاران امن عمل بحال ڪرائڻ لاءِ ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

آءِ جي کي ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته دنگائي ضلعن جوپاڻ ۾ رابطو تيز ڪيو وڃي ۽ ڌاڙيلن جي چر پر تي نظر رکي وڃي. هن ڌاڙيلن خلاف ڪامياب ۽ موثر آپريشن ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي واکاڻ ڪندي کين تعريفي سندون ۽ روڪ انعام ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. آءِ جي سنڌ ضلعي اندر ڪيترن ئي واپارين ، واپاري اتحاد ، شهري اتحاد ۽ هندو پنچائت اڳواڻن، مغوين ۽ بازياب ٿيل ماڻهن سان ملاقاتون به ڪيون.

آءِ جي سنڌ امن امان جي صورتحال بابت شهرين کان معلومات ورتي ، اغوا ٿيندڙ کان معلومات پڻ ورتي. شهرين آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ امجد شيخ کي ٻن سالن لاءِ مقرر ڪيو وڃي.










