ڌاڙيلن تَر تپائي ڏنو، ناريءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، 3 زخمي

ميرپورماٿيلو (ظھير وسير) ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل راڄ برقرار، انعام يافته ڌاڙيل آر بي ٽوپلو ساٿين سميت پورهيت جي گهر تي حملو ڪري ڏنو حملي ۾ ٽن مهينن جي فائيزه، ڏھ سالن جو غلام قادر، مائي سعيده ۽ حاجي گهلو زخمي ٿي پيا. زخمين جو چوڻ آهي ته بدنام ڏوهاري آر بي ٽوپلو اسان جي عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني.

انهن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آهيون آر بي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن اعليٰ اختيارن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ بدنام ڏوهاري کان اسان جي جند آجي ڪرائي وڃي جئين اسان سک جو ساهه کڻي سگهون. ٻئي طرف پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي آر بي ٽوپلو بدنام ڏوهاري آهي جنهن تي پهريان به آندل سندراڻي ٿاڻي تي ٻارنهن کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن جڏهن ته حڪومت کي به آر بي ٽوپلو جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو