لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 168 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن وٽان 200 سڃاڻپ ڪارڊ هٿ اچڻ واري معاملي تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته ڌانڌلي پي ٽي آءِ جي ڊي اين اي ۾ شامل آهي، اليڪشن ڪميشن جو عملو ۽ ٿيلها چورائي نٿا سگھن ته ڌانڌلي جو ٻيو طريقو ڪڍي آيا.هن چيو هي ڄاڻين ٿا ته ڌانڌلي ڪرڻ بنا نه پهرين اليڪشن کٽي هئي ۽ نه هاڻ کٽي سگھن ٿا، هي سليڪشن نه اليڪش ٿي رهي آهي.










