لاهور: (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان ڪڍيل ريلي دوران پوليس لطيف کوسه، سلمان اڪرم راجه ۽ ٻين ڪيترن ئي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪن تحريڪ انصاف باني جي سڏ تي ريلي جي صورت ۾ جي پي او چوڪ لاهور پهتا، ريلي جي اڳواڻي تحريڪ انصاف اڳواڻ علي اعجاز بٽر ڪئي.پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ سردار لطيف کوسه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. لطيف کوسه جي پٽ شهباز کوسه ٻڌايو ته والد چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف احتجاج جي لاءِ وڃي رهيو هو، لطيف کوسه کي صدر ڪينٽ گول چڪر تان گرفتار ڪيو ويو. پوليس سلمان اڪرم راجه کي اچهره مان گرفتار ڪري ورتو آهي.ريلي کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪارڪنن تي چڙهائي ڪئي جنهن سبب پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويا، جڏهن ته پوليس تحريڪ انصاف جي ايم پي اي حافظ فرحت عباس سميت 10 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتاري جي موقعي تي ايم پي اي حافظ فرحت عباس چيو ته مينڊيٽ چور وزيراعليٰ گرفتاريون ڪرايون آهن.










