ڌارين کي سنڌ ۾ ووٽ ۽ ملڪيت خريدڻ جو اختيار نه ڏيو

ڌارين کي سنڌ ۾ ووٽ ۽ ملڪيت خريدڻ جو اختيار نه ڏيو

حيدرآباد(ن سنڌيار)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي سنڌ جي اندر ڌارين آبادڪاري کي نہ صرف ھٿي ڏني پئي وڃي پر پ پ پ ان ۾ سھولتڪار بڻيل آھي جنھن سبب سنڌ ۾ ڌارين آبادي جو روزانو دٻاءُ وڌندو پيو وڃي ھڪ پاسي ڌارين آبادڪاري جي سبب سنڌ ۾ اڳ ۾ ڳڻتي ڇانيل آھي مٿان وري مختلف ذريعن مطابق ڪراچي ۾ پ پ پ  ۽ ڌرڻو ھڻي ويٺل پختونن ۾ جيڪو معاھدو ڪيو ويو ان ۾ سنڌ ۾ پختونن کي تعليمي ادارن ۾ داخلائن لاءِ سيٽون مخصوص ڪرڻ، کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ سھولتون فراھم ڪرڻ، پختونن جي عارضي آبادين کي پڪو ڪرڻ ۽ صوبي اندر کين نوڪرين ۾ حصو ڏيڻ جا وعدا ڪيا ويا. ھن چيو ان قسم جو معاھدو ڪري پ پ پ سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي جنھن سان سنڌ اندر نسل پرستي کي ھوا ملندي. ھن چيو تہ سنڌ جا سمورا سڄڻ ۽ قومپرست ڌريون ان ڳالھ تي متفق آھن تہ سنڌ اندر 1954 کان پوءِ ايندڙ سمورن غيرقانوني ڌاريان سنڌ تي بار آھن انھن تي سنڌ ۾ ملڪيتون وٺڻ ، ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو