ڌارين کي جاري ڪيل ڊوميسائيلن جي ٻيهر جاچ جو حڪم

ڌارين کي جاري ڪيل ڊوميسائيلن جي ٻيهر جاچ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ واري معاملي ۾ سنڌ حڪومت صوبي ۾ جاري ڪيل ڊوميسائيلن ۽ پي آر سيز جي ٻهير جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت پاران گذريل 10 سالن ۾ جاري ڪيل ڊوميسائلن ۽ پي آر سي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت ڊوميسائل ۽ پي آر سيز جاري ڪرڻ جا ضابطا وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان سمورن ڊي سيز کي خط لکي ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ٿيڻ کان اڳ فيلڊ ويريفڪيشن جي هدايت ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ کان اڳ رهائش ۽ تعليمي سندن جي تصديق ڪئي وڃي ۽ گذريل 10 سالن دوران جعلسازي وسيلي ورتل ڊوميسائل ۽ پي آر سيز رد ڪيون وڃي. ياد رهي ته سنڌ جي ڊوميسائيل تي پنجاب جي 6 آفيسرن جن ڪميشن پاس ڪري وفاق ۾ نوڪريون ورتيون آهن انهن جي ڊوميسائيل ۽ ڊگرين بابت وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن کان تفصيل به طلب ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو