ڌارين جي نيڪالي تي 4 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي منظوري

ڌارين جي نيڪالي تي 4 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ نگران ڪابينا غير قانوني مهاجرن جي وطن واپسي لاءِ 4.5 ارب رپيا رکڻ، ڪڻڪ جي سبسڊي تحت بقايائن جي ادائيگي لاءِ 25 ارب رپيا، مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا ڪرڻ جي منظورين سميت اين آءِ سي وي ڊي جو نئون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جا فيصلا ڪيا آهن. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري ناڻي ڪاظم جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ ڪابينا غزه تي اسرائيلي غيرانساني حملن ۽ فلسطين ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام جي سخت مذمت ڪندي چيو ته قابض اسرائيلي فوج شهرين کي نشانو بڻايو ۽ ايتري قدر جو اسپتال کي به نه بخشيائين. ڪابينا فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته بي رحماڻا حملا عالمي انسانيت جي قانون جي سراسر خلاف ورزي آهي. ڪابينا چيو ته اسرائيلي حملا انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهن. نگران ڪابينا پاران جن ايجنڊن تي بحث ڪندي فيصلا ورتا ويا اهي هن ريت آهن: غير قانوني مهاجرن جي وطن واپسي: گهرو سيڪريٽري ڪابينا کي ٻڌايو ته حڪومت پاڪستان 1 نومبر 2023ع کان سمورن غير قانوني مهاجرن کي وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وزارت غير قانوني پناهگيرن جي واپسي واري منصوبي (IFRP) کي شيئر ڪيو جنهن ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرن پاران ضروري قدمن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. واضح ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا آءِ ايف آر پي جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته لاجسٽڪ جا خرچ صوبا برداشت ڪندا پر ان معاملي کي مناسب سطح تي اٿاريو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن مان واپسي لاءِ ساڍا چار ارب رپيا گهربل آهن. ڪابينا غور ويچار کانپوءِ بجيٽ رقم کان علاوه فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪڻڪ جي رليز پاليسي ۽ مقرر اگهه: صوبائي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته فيبروري 2023ع ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 1.4 لک ٽن مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته خريداري 777258 ۽ ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 42525 ميٽرڪ ٽن هو. اهڙي ريت صوبائي حڪومت وٽ ٽوٽل 819803 ايم ايم ٽي جو ذخيرو آهي جنهن مان 580197 ايم ايم ٽي جو شارٽ فال آهي. صوبائي حڪومت وفاق کان اڳ ئي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ طلب ڪري ورتي آهي جيڪا اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪڻڪ جي رليز پاليسي تي بحث ڪندي ڪابينا فيصلو ڪيو ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪنهن به غلط استعمال/سرڪاري واجبات جي ادائگي ۾ بي ضابطگين جهڙوڪ ڪڻڪ جي قيمت، مارڪ اپ، رَهتن جي ادائيگي جي صورت ۾ فلور ملز کي ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي. ڪابينا 10 نومبر کان ڪڻڪ 10500 رپيا في 100 ڪلوگرام جي حساب سان جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بحث کانپوءِ صوبائي ڪابينا 24-2023ع جي فصل لاءِ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪڻڪ لاءِ قرض جي ريٽائرمينٽ: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته خوراڪ کاتو ڪابينا پاران مقرر ڪيل هدف ۽ امدادي قيمت موجب ڪڻڪ جي خريداري ڪندو آهي. ناڻي وارو کاتو رياستي واپار لاءِ بئنڪن کان قرض وٺي ٿو. اهي قرض ڪيش ڪريڊٽ لميٽيڊ (CCLs) / وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل وفاقي گارنٽيز جي پٺڀرائي آهن. ڪابينا جي هدايت تي خوراڪ کاتو ناڻي کاتي جي سهڪار سان قرضن جي بحالي جو پلان تيار ڪري ورتو آهي. ناڻي کاتي گذريل حڪومت/ڪابينا جي منظوري سان رياستي واپاري سرگرمين ۽ عمل کي منظم ڪرڻ لاءِ 10 سال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر گودامن ۾ موجود اسٽاڪ جي صورتحال جو آڊٽ ڪندا جڏهن ته هڪ CFO پڻ مقرر ڪيو ويندو جيڪو خوراڪ کاتي جي سالياني آڊٽ، اڪائونٽنگ ۽ ڪمرشل سرگرمين جي نگراني ڪندو ته جيئن قرض وڌڻ کي روڪي سگهجي. وڏي وزير نگران ڪابينا جي مشاورت سان 24-2023ع ۾ سبسڊيز تحت 34.19 ارب رپيا بچت ڪئي خاص طور ڪمرشل بئنڪن جا بقايا قرض ادا ڪرڻ جي مقصد لاءِ 24-2023ع ۾ غير محفوظ قرضن جي واپسي لاءِ 25 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بينڪن کي 5 ارب رپيا فوري طور تي ادائگي لاءِ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته ناڻي وارو کاتو 30 جون 2024 تائين هر مهيني 2 ارب رپيا جاري ڪندو. وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو 24-2023ع ۾ 25 ارب رپين تائين جي بقايائن جي ادائيگي بابت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري. معاوضو: صوبائي ڪابينا فوتين جي وارثن کي 80 لک رپيا ۽ زخمين کي 20 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته فوتين جي خاندان مان هڪ ٻار کي مفت تعليم ڏني ويندي. واضح رهي ته هي واقعو 28 سيپٽمبر 2023 تي تعلقي سکر ۾ پيش آيو هو. واقعي تي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد پاران جمع ڪرايل گڏيل رپورٽ موجب 4 مقامي ماڻهو مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿيا. اين آءِ سي وي ڊي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرري: صحت کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي تقرري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز ايڪٽ 2014 تحت هڪ چٽاڀيٽي واري عمل ذريعي ٿيڻي آهي. ان عمل کانپوءِ سليڪشن ڪميٽي پاران پروفيسر طاهر صغير کي چونڊيو ويو. ڪابينا پروفيسر طاهر صغير کي اين آءِ سي وي ڊي جو نئون ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. گھٽ ۾ گھٽ اجرت: ڪابينا مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهوار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ضابطن ۾ ترميم: صوبائي ڪابينا سنڌ پروبيشن آف نان ڊيگريڊ ايبل پلاسٽڪ پروڊڪٽس (پيداوار، وڪرو ۽ استعمال) رولز 2014ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن تحت شق 3 جي هيٺئين قانون (5) ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ته گاربيج بيگز کان سواءِ شيڊول ٿيل پلاسٽڪ جون شيون ڪاري رنگ ۾ نه ٺاهيون وينديون ۽ ري سائيڪل ٿيل شيڊول ٿيل پلاسٽڪ ‘ريسائيڪل ٿيل پلاسٽڪ-کاڌي لاءِ غير محفوظ“ جي طور تي نشان لڳايو ويندو بشرطيڪ سواءِ شيڊول ۾ بيان ڪيل کانسواءِ ڪوبه ڪيريئر بيگ يا شاپر بيگ تيار نه ڪيو ويندو. ضابطن ۾ هڪ ٻي ترميم ۾ چيو ويو آهي ته ‘ڪيريئر بيگز يا شاپر بيگز جن جو وزن 40 مائڪرون کان وڌيڪ هجي، وزن گهٽ ۾ گهٽ 6.0 گرام ۽ سائيز 14X10 انچ کان وڏي هجي جنهن ۾ آڪسو-بايوڊيگريڊ ايبل اضافو شامل آهن. EPI فنڊ جي منتقلي: صحت کاتي ڪابينا کان 24-2023ع دوران ويڪسينز ۽ لاجسٽڪ پروگرام آف ايميونائيزيشن (EPI) سان لاڳاپيل مرڪزي خريداري لاءِ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن، حڪومت پاڪستان کي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سبب 5.1 ارب رپيا منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن تي ڪابينا تجويز جي منظوري ڏني. ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ: ڪابينا نگران روينيو واري وزير يونس ڍاگا، نگران قانون واري وزير عمر سومرو ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ شبر زيدي کي ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ ۾ نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايڊوائيزري ڪائونسل: ڪابينا معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ واري کاتي (DEPD) جي سفارش تي صوبائي صلاحڪار ڪائونسل تي 6 مهينن جي عرصي لاءِ غير سرڪاري ميمبرن (پرائيويٽ تقررين) جي قيام جي منظوري ڏني جن ۾ محترمه نادرا پنجواڻي، محترم امين هاشماڻي، محترمه رونق لاکاڻي، محترم محمد اڪرم، محترم عابد لاشاري، مسٽر رچرڊ گيري، مسٽر رضوان لوڌي، ليپروسي سينٽر (MALC) ڪراچي جي ميري ايڊيليڊ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو