ڊچ ڳائڻي ڪيفي جي ڪهاڻي به پنهنجي آواز ۾ ٻڌائي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ڪوڪ اسٽوڊيو جي بلوچي گلوڪار ۽ لياري سان تعلق رکندڙ ڪيفي خليل جي گاني ”ڪهاني سنو“ جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.تازو ئي ڪيفي خليل جو گاني ڪهاڻي سنو گلوبل ميوزڪ ويڊيو چارٽس تي اٺين نمبر تي اچي ويو ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ گلوبل ٽاپ ٽين ۾ پهچي ويو، هن گاني کي يوٽيوب تي 125 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. جڏهن ته ڪيفي خليل جو گانو ”ڪهاني سنو“ هاڻي مشهور ڊچ ڳائڻي ايما هيسٽرس پنهنجي آواز ۾ ڳايو آهي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.ايما هيسٽرز ميوزڪ انڊسٽري ۾ هڪ مشهور شخصيت آهي جيڪا يوٽيوب تي 5.8 ملين سبسڪرائبرز ۽ انسٽاگرام تي 1.7 ملين فالورز سان گڏ آهي.جڏهن ته هاڻي هن پاڪستاني ڳائڻي ڪيفي خليل جو گاني به پنهنجي آواز ۾ ڳايو آهي، کيس اردو ۾ گيت ڳائڻ تي اڪثر مداحن طرفان زبردست داد ملي رهي آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ڪيفي جي آواز ۾ گيت کي بهتر قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو