ڊپٽي اسپيڪر سُوري خلاف اپوزيشن جي بي اعتمادي جي رٿ

ڊپٽي اسپيڪر سُوري خلاف اپوزيشن جي بي اعتمادي جي رٿ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن پاران ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي ممرتضيٰ جاويد عباسي ۽ محسن شاهنواز رانجها اها رٿ قومي اسمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي. درخواست ۾ هنن الزام لڳايو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر ڪاروائي دوران رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ هو ايوان جي اڪثريت جو اعتماد وڃائي چڪو آهي. ياد رهي ته 7 نومبر تي اپوزيشن جي سخت احتجاج دوران ايوان مان حڪومت 11 بل منظور ڪرايا هئا. اپوزيشن جو چوڻ آهي ته قانوني تقاضا پوري ڪرڻ کانسواءِ اپوزيشن کي بلڊوز ڪري تڪڙ ۾ قانونسازي ڪئي وئي هئي. اپوزيشن جو جمعي تي به قومي اسمبلي ۾ احتجاج جاري رهيو ۽ هنن حڪومت خلاف نعرا به هنيا. جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته کيس 40 سال سياست ۾ ٿي ويا آهن ڇا اڃا اپوزيشن وارا کيس جموهريت ۽ قانون سيکاريندا؟ هن چيو ته مونکي فخر آهي علي امين تي جنهن مولانا کي استعيفيٰ ڏئي ٻيهر چونڊ جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته هي ڌرڻي وارا ٽائم پاس ڪن ٿا ٺيڪ آهي اسين به اوهان سان ٽائم پاس ٿا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو