ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ٻڌڻي اڄ ٿيندي

ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ن ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي طرفان عامر سعيد رند سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ حمزه شهباز، ڊپٽي اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو.ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري تصديق ڪندي چيو آهي ته پارٽي ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته تحريڪ انصاف جي درخواست داخل ٿي چڪي آهي، ان کي نمبر ڏنو پيو وڃي، ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. اسان کي سپريم ڪورٽ مان انصاف جي اميد آهي. جڏهن ته بعد ۾ فواد چوڌري چيو ته اسپيڪر جي غير آئيني ڪارروائي خلاف درخواست جي ٻڌڻي اڄ صبح 10 وڳي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو