ڊي سي جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا بابت اجلاس،ڪيس منظور

ڊي سي جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا بابت اجلاس،ڪيس منظور

ٺٽو(ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪميٽي غضنفر علي قادري جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس مڪلي ۾ فوتي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري، سيڪشن آفيسر ايس جي اي اينڊ سي ڊي سعيد احمد سومرو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري محمد رحيم سومرو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، ايڪسيئين پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ساجد حسين ملاح، ايڪسيئين ايريگيشن نعمت ﷲ، ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائف واجد علي شيخ، ايڪسيئين ڊرينيج عبدالمجيد خاصخيلي، آر ڊي حيدرآباد سلمي عادل انچارج جوڊيشل برانچ ڊي سي آفيس عبدالستار ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جزي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي ٺٽي جي مختلف کاتن ۾ دوران ڊيوٽي وفات ڪري ويل ملازمن جي وارثن کي فوتي ڪوٽا تحت ڀرتي جي سلسلي ۾ ڪميٽي پاران اميدوارن جا ڪاغذن جي جانچ پڙتال ۽ ٻين تمام تر معاملن جي جائزي وٺڻ بعد انٽرويو پڻ ورتا ويا. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪميٽي پاران گڏيل صلاح بعد ڪل 17 اميدوارن کي اھل قرار ڏيندي فوتي ڪوٽا تحت تعليم، صحت، آبپاشي، روينيو، پبلڪ ھيلٿ، اسپيشل ايجوڪيشن ۽ وائلڊ لائف سميت مختلف کاتن ۾ ڪوٽار، جونيئر ڪلرڪ، ليب اسسٽنٽ، نائب قاصد، سينيٽري ورڪر، سيڪورٽي گارڊ، وارڊ بواء، بيلدار، داروغو، ڪوڪ، چوڪيدار ۽ ٻين پوسٽن تي ملازمت ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪميٽي غضنفر علي قادري چيو ته حقدارن کي پنهنجو حق ميرٽ جي بنياد تي ضرور ڏنو ويندو ۽ ڪنهن به اميدوار جي حق تلفي ھر گز ٿيڻ نه ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو