ڊي سي جي صدارت هيٺ صحت کاتي جي حوالي سان اجلاس،هدايتون

ڊي سي جي صدارت هيٺ صحت کاتي جي حوالي سان اجلاس،هدايتون

ٺٽو ( ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو 22 آگسٽ 2022ع کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف مهم دوران سمورا موجود وسيلا ڪتب آڻيندي پنهنجون ذميواريون ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان ادا ڪن ۽ مهم دوران بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏين. اهڙي هدايت هن دربار هال ڊي سي آفيس مڪلي ۾ ايندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت منعقد گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو ڏورانهن علائقن لاءِ مقامي اين جي اوز کان مدد وٺن ته جيئن معصوم ٻارڙن کي پوليو جھڙي خطرناڪ بيماري کي بچائي سگھجي. هن پوليس عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ٽرانزٽ پوائنٽس تي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي سفر ڪندڙ ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ ۾ پوليو ٽيمن سان سهڪار ۽ مدد کي يقيني بنائين. هن چيو ته پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ٺٽي جي عوام خاص طور تي والدين کي اپيل ڪئي ته هو سندس علائقن ۾ ايندڙ پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪندي پنهنجي گُلڙن جھڙن ٻارڙن کي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين. ان کان اڳ اين اسٽاف ڊاڪٽر راجیش ڪمار گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهم دوران پنجن سالن تائين عمر جي 02 لک 27 هزار 593 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءٌ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ 707 گشتي، 47 فڪسڊ ۽ 60 ٽرانزٽ پوائنٽس جڏهن ته 54 يو سي ايم او، 179 ايريا انچارجز مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بنائي سگھجي. ان موقعي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڊاڪٽر راشد چنه، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، ڊسٽرڪٽ مينيجر يونيسيف اعجاز احمد جاکھرو کان علاوه تعليم، پوليس، رينجرز، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين مخلتف کاتن جا عملدار ۽ مختلف اين جي اوز جا نمائندا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو