ڊي سي جي شينڪ بند پهتو،ٻوڏ متاثرن سان ملاقات،راشن ورهايو

ڊي سي جي شينڪ بند پهتو،ٻوڏ متاثرن سان ملاقات،راشن ورهايو

ميرپور ماٿيلو (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي قادرپور شينڪ بند جي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺ پهچي ويو، 150 متاثر خاندانن ۾ راشن ورهايو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي محسن امتياز پنهنجي ٽيم کي ساڻ ڪري ٻيڙي ذريعي ڪچي جي ٻڏي ويل ڳوٺن سلام چاچڙ ۽ رئيس اختيار چاچڙ پهتو جتي هن 150 متاثرن خاندانن ۾ راشن ورهايو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه رليف ڪيمپن ۾ موجود متاثرن کي خوراڪ پهچائي پئي جڏهن ته قادرپور شينڪ بند ۾ گهاري باوجود پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن مان ٻاهر نه نڪرندڙ متاثرن تائين راشن پهچائڻ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو