ڊي سي جو پوليو جا ڦڙا پيئاري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڊي سي جو پوليو جا ڦڙا پيئاري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊي سي ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو اڄ عبدالودود ڊسپينسري يو سي بهار ڪالوني ۾ پنجن سالن تائين جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاري پوليو مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ الطاف حسين ساريو اتي موجود ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ تحفا پڻ ورهايا. ان موقعي تي اي سي لياري عبدالمجيد، يو سي چيئرمين رحمان شاهه ۽ پوليو پيئاريندڙ ٻارن جي والدين پڻ شرڪت ڪئي. ڊي سي ڏکڻ ڪراچي سيد عبدالودود ڊسپينسري جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي موجود متاثرن کان ڊسپينسري جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سهولتن بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو. ڊي سي ڏکڻ اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو پوليو مهم جي ٽيمن جي هر ممڪن سهڪار ڪن ۽ پوليو ٽيمن کي پوليو مهم ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. بعد ۾ ڊي سي سائوٿ ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن جو دورو ڪندي ريلوي اسٽيشن تي موجود موبائيل پوليو ٽيمن جي حوصلا افزائي ڪئي. ڊي سي سائوٿ ڪراچي وڌيڪ چيو ته مختلف پوليو ٽيمون ٽرينن ۾ سفر ڪندڙ پنجن سالن تائين جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کي يقيني بڻائين، جيڪي ٻار ڪراچي کان ٻاهر سفر ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته اها پوليو مهم هڪ هفتي تائين جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو