ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر بدين جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو نثار احمد شاھ پاران ايندڙ برساتن جي موسم ۾ ٽنڊوباگو شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڊرينج سسٽم کي فعال ڪرڻ لاءِ ٽنڊوباگو شهر جي مختلف ڊرينج اسٽيشنن جو معائنو ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ڊرينج کاتي جي عملدارن کي ٽنڊوباگو شهر جي چئين ڊرينج اسٽيشنن کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ ۽ ٽنڊوباگو شهر مان برساتن دوران ٻن سم نالن جي صفائي ۽ پاڻي جي نيڪال بابت سخت هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي واٽر سپلائي ۽ ڊينيج جي انچارج رحيم روستماڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو نثار احمد شاھ کي ٻڌايو ته ٽنڊوباگو شهر مان برساتي پاڻي سم نالي 16 ايل ۽ سم نالي 16 اي ايل ۾ نيڪال ٿئي ٿو جنهن جي ايمرجنسي بنيادن تي کانٽي ڪرائي سم نالن جي صفائي ڪرائي وڃي ته ٽنڊوباگو مان برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي.










