ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محرم الحرام، يوم آزادي ۽ مڪاني ادارن جي چونڊن جي انتظامن جو خاص جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ ڪراچي پوليس چيف، ڪمشنر، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ فليگ مارچ ۽ اسنيپ چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.رينجرز ترجمان موجب بلدياتي چونڊن ۾ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي ضابطن ۽ ضابطه اخلاق تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.










