ڊي جي آءِ ايس پي آر سميت 12 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

ڊي جي آءِ ايس پي آر سميت 12 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي 12 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ميجر جنرل انعام حيدر ملڪ، ميجر جنرل فياض حسين شاهه ۽ ميجر جنرل نعمان ذڪريا کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.آءِ ايس پي آر موجب ميجر جنرل محمد ظفر اقبال، ميجر جنرل ايمن بلال صفدر، ميجر جنرل احسن گلريز، ميجر جنرل سيد عامر رضا کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب، ميجر جنرل شاهد امتياز، ميجر جنرل منير افسر، ميجر جنرل يوسف جمال ۽ ميجر جنرل ڪاشف نذير کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو