ڊي ايم ڊي واٽر بورڊ پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جو تفصيلي دورو

ڊي ايم ڊي واٽر بورڊ پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جو تفصيلي دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڊي ايم ڊي واٽر بورڊ پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جو تفصيلي دورو، تفصيل موجب ڊي ايم ڊي ٽي ايس واٽر بورڊ محمد ايوب شيخ پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جو تفصيلي دورو ڪري شھر کي پاڻي جي فراهمي ۽ مون سون برساتن دوران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي هن آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا موثر قدم کنيا وڃن ۽ مون سون برساتن دوران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي سمورا اپاءَ ورتا وڃن تہ جيئن ڪنھن پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي ،دوري دوران چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ڌاٻيجي جميل احمد انصاري، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر بلڪ محمد اقبال عمر، ريزيڊنٽ انجنيئر ڌاٻيجي اخلاق احمد راجپوت ۽ ٻيا آفيسر ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو