ڊي ايس پي جو چريو پٽ اگهاڙو ٿي مسجد ۾ داخل، پڃ ڊاهه

ڊي ايس پي جو چريو پٽ اگهاڙو ٿي مسجد ۾ داخل، پڃ ڊاهه

ملير(درياخان شر) گلشن حديد فيز ٽو ۾ قائم مسجد خالد بن وليد ۾ اگهاڙو نوجوان داخل ٿي ويو. مسجد ۾ شيشا ٽوڙڻ سان گڏ مسجد جي دروازن کي به ٽوڙيندو رھيو. شيشا ٽوڙڻ جي ڪري نوجوان زخمي حالت ۾ ھڪ گهر ۾ داخل ٿي ويو.جنھن کي رهواسين پڪڙي اسٽيل ٽائون  پوليس جي حوالي ڪيو.پوليس مطابق گرفتار نوجوان چريو آھي ۽ گرفتار شخص کی شناخت شفیق ابڙو جي نالي سان ٿي آھي. ڊی ایس پي عبدالرحمان ابڙو جو پٽ آھي ۽ پاڻ پولیس ڪمانڊو آھي.پوليس پاران نوجوان کي چريو قرار ڏيڻ کان پوء مسجد جي انتظاميان  ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته اگهاڙو نوجوان چريو نه پر جنوني آھي.ھڪ سازش طور مسجد ۾ داخل ٿي مسجد کي نقصان پھچايو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو