ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ)ڊي آءِ خان ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.سڪيورٽي ذريعن موجب ڊي آءِ خان جي تعلقي درابن ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي ڳڙهه مستن جي علائقي ۾ ڪئي وئي جتي دهشتگردن ڳجهن هنڌن تان فورسز تي حملو ڪيو. سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ منيب، جنيد الرحمان، شوڪت جي نالن سان ٿي آهي.










