ڊيوڊ ويسي کي روڪي پاڻ بيٽنگ ڪرڻ آيس:شاهين

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٽيم لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته مون کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن بيٽنگ ڪريان ها ته ڪجهه ڪري سگهان ها، ائين نه هو، مون سوچيو هو ته جيڪڏهن اسان کي ٻه شاٽ لڳي ويا ته اسان دٻاءُ مان ٻاهر نڪري وينداسين. پي ايس ايل جي اٺين سيزن جي فائنل ميچ کٽڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عاقب جاويد ۽ ثمين رانا جو ٽيم ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، جڏهن ته مون کي نه گهرجي ڇو ته سينيئر محمد حفيظ جهڙا رانديگر ٽيم ۾ هئا.شاهين آفريدي چيو ته منهنجي ٽيم جو مطالبو آهي ته آئون جلد وڪيٽون وٺان، چاهي مان ليگ ۾ کيڏان يا ملڪ لاءِ، ڪوشش ڪندس ته جلد وڪيٽون وٺان ته جيئن ٻي ٽيم کي دٻاءُ ۾ رکي سگهان.هن چيو ته حارث رئوف دنيا جو بهترين بالر آهي، منهنجو مٿس انڌو اعتماد آهي، هن 22 رنسون به ڏنيون آهن، اڃا به سٺا بالر آهن، مون کي مٿس يقين آهي.شاهين آفريدي چيو ته ڪريڊٽ محمد زمان کي وڃي ٿو، هن سٺي بالنگ ڪئي.هن چيو ته محمد رضوان هڪ مختلف ماڻهو آهي، کيس جنتي چوان ٿو، هو خاص ماڻهو آهي ۽ خاص ڪم ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو