ڊيوٽي دوران دل جي دوري سبب فوجي جوان فوت

ڊيوٽي دوران دل جي دوري سبب فوجي جوان فوت

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) پيروسڻ جي ڳوٺ چنسير جروار واسي پاڪ آرمي اھلڪار شھمير جروار گذريل رات لاھور ۾ ڊيوٽي دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو جنھن جي مڙھ کي پنو عاقل ڇانوڻي جي آفيسرن ۽ پاڪ فوج جي دستي سندس اباڻي ڳوٺ آندو جتي جنازي جي نمازي نماز ادا ڪئي وئي جنھن ۾ پنو عاقل ڇانوڻي جي دستي ۽ سول فوجي آفيسرن شھرين علائقي واسين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنھن بعد سندس مڙھ کي سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنھن بعد پاڪ آرمي جي جوانن کيس سلامي پڻ ڏني،ان موقعي تي پاڪ فوج جي آفيسرن فوتي جي وردي ۽ اعزا پڻ ڏنو، مرحوم کي ھڪ پٽ ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو