ڪراچي (رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺڊينگي وائرس جي خاتمي جي حوالي سان اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽرڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب. چيف ڪمشنر اسلام آباد ڪئپٽن محمد عثمان، ڪمشنرڪراچي محمد اقبال ميمڻ، مڪاني وارو سيڪريٽري سيد نجم شاهه، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن حنيف چنا ۽ ويڪٽر بارن ڊزيزز جي آفيسرن شرڪتڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ ڊينگي وائرس جي پکڙجڻ بابت آگاهي ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن سال صوبي ۾ هاڻِي تائين 4031 ڊينگي وائرس جا ڪيس رپورٽٿيا آهن جڏهن ته 9 ماڻهن کي ڊينگي وائرس جي ڪري لاڏاڻوڪري ويا آهن، سال 2021 ۾ 6373 ڊينگي جا ڪيس رپورٽٿيا هئا. اجلاس ۾ ڪمشنر اسلام آباد ڪيپٽن عثمان پنجاب ۾ ڊينگي وائرس جي خاتمي جي مڪينزم تي آگاهي ڏني. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته سنڌ ۾ ڊينگي جي خاتمي لاءِ موجود پروگرام کي وڌيڪ موثر بنائڻ لاءِ سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽري مان ڊينگي جي روزانا جي رپورٽ ورتي ويندي ۽ هڪڊيش بورڊ تي سمورن ڊينگي جي مريضن کي ٽيگنگڪيو ويندو جنهن بعد انهن مريضن جي گهر ۽ آس پاس جي 20 گهرن ۾ ڊينگي جي خاتمي لاءِ اسپري ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سمورا ڊپٽيڪمشنرزڊينگي جي خاتمي لاءِ لاڳاپيل کاتن سان گڏ اجلاس ڪندا ۽ رپورٽ پيش ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ اينٽا مولوجسٽڀرتيڪيا ويندا ۽ عوام کي آگاهي لاءِ مهم ہڻ شروع ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽرڪراچي مرتضٰي وهاب ٻڌايو ته ڪالھٽوٽلڪراچي ۾ 201 ڊينگي جا ڪيس رپورٽٿيا هئا. هاٽ اسپاٽ تي ڊينگي لاروا کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري ۽ فيوميگيشن مهم شروع ڪئي وئي آھي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ ڪي ايم سي پاران 30 گاڏين جي ذريعي ڊينگي جي خاتمي لاءِ اسپري ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڊينگي وائرس جي ٽيسٽ جي رقم پڻ گهٽڪنداسين جيڪا سنڌ هيلٿڪيئرڪميشن جي ذريعي عملدرآمد ڪرايو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب مان ڊينگي ماهرن ذريعي سنڌ جي ڊاڪٽرن ۽ ڊينگي پروگرام جي عملي جي ٽريننگڪرائي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڊمنسٽريٽرڪراچي مرتضٰي وهاب، چيف ڪمشنر اسلام آباد ڪيپٽن عثمان ۽ ڊينگي پروگرام جا آفيسرن ڪراچي ۾ جاري مهم جو معائنو ڪندا جنهن جي روشني ۾ وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا.










