جاتي (ن س) جاتي تعلقي ۾ ڊينگي جو هڪ نئون ڪيس سامهون اچي ويو آهي. اسپتال ۾ سهولت نه هجڻ ڪري مريض جا وارث کيس درگاهه تي ڌاڳي ڦيڻي لاءِ کڻي آيا آهن. 36 سالن جي قاسم ولد غلام جي وارثن جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتال ۾ سهولت ناهي نجي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي وصيت ناهي ان ڪري کيس درگاهه تي آندو آهي. اسان جو ايمان آهي ته هو درگاهه تي ٺيڪ ٿي ويندو. مريض جي مقامي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي وئي ته کيس ڊينگي جي تصديق ٿي. تعلقه اسپتال ۾ ڊينگي جي حفاظت لاءِ علاج جون سهولتون اڻلڀ آهن اڪثر مريضن کي نجي اسپتالن ڏانهن موڪليو ٿو وڃي ۽ غريب ماڻهو مريضن جو درگاهه تي علاج ڪرائڻ لڳا آهن. تعلقه اسپتال جي ڪروڙين روپين جي بجٽ آهي ڊاڪٽر ۽ عملو مفت ۾ پگهار کڻي رهيا آهن.










