ڊينگي جا 8 مريض ظاهر، ڊي سي پاران اهم هدايتون جاري

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته ڊينگي کان بچاءَ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، ضلعي ۾ 8 ڪيس ظاهر ٿيڻ عام ڳالهه ناهي، ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءَ وارين دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت کاتي سان لاڳاپيل مختلف مسئلن جي حل لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ پي پي ايڇ آئي جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر سميت پنجن ئي تعلقه اسپتالن جي ايم ايسز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو ته جن مريضن کي ڊينگي بخار جي تصديق ٿي آهي انهن جي علائقن ۾ خاص طور تي مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن وڌيڪ ماڻهو متاثر نه ٿين جڏهن ته متاثر ٿيل مريضن کي مڪمل علاج فراهم ڪيو وڃي ۽ عام ماڻهن ۾ ڊينگي متعلق سجاڳي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن هو احتياطي تدبيرون اختيار ڪري سگهن. ان موقعي تي هن گهوٽڪي واسي ٻار کي ايمبولينس فراهم نه ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته رپورٽ ملي آهي ته ايمبولينس جي ڊرائيور جي ڪوتاهي سبب ٻار کي ايمبولينس نه ملي سگهي اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي، هن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته سموري مامري جي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. هن سمورن ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس کي سختي سان هدايت ڪئي ته ايمرجنسي واري هر مريض کي فوري طور ايمبولينس فراهم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاء اسپتالن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ان باوجود مريضن کي فائدو نه ملڻ هڪ قسم جو ڏوهه آهي انڪري ميڊيڪل آفيسرن کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو. هن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي اسپتالن ۾ فوت ٿيندڙ مريضن جي موت جي ڪارڻ سميت هر 15 ڏينهن رپورٽ فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته ڇتي ڪتي جي چڪڻ سميت نانگ جي ڪکڻ واريون سيون متاثر مريضن کي فوري طور فراهم ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي شڪايت نه ملڻ گهرجي. ھن ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آئي کي پڻ هدايت ڪئي ته رورل هيلٿ سينٽر جروار کي فعال ڪرڻ لاء سنجيده قدم کڻي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.  ان موقعي تي ڊي ايڇ او ٻڌايو ته ضلعي ۾ جن 8 ماڻهن کي ڊينگي جي تصديق ٿي انهن کي مڪمل علاج ۽ مڇردانيون فراهم ڪيون ويون جيڪي صحتمند آهن جڏهن ته هن وقت ڊينگي جو ڪو به مريض اسپتالن ۾ داخل ناهي. ڊي سي هر اسپتال ۽ رورل هيلٿ سينٽر ۾ نانگ جي ڏنگ ۽ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري ويڪسين موجود آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو