ڪوپن هيگن جي شاپنگ مال ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪوپن هيگن جي شاپنگ مال ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪوپن هيگن (ويب ڊيسڪ)ڊنمارک جي راڄڌاني ڪوپن هيگن جي شاپنگ مال ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.بي بي سي موجب ڊنمارڪ جي راڄڌاني ڪوپن هيگن ۾ هڪ شاپنگ مال تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.ان کان اڳ، ڪوپن هيگن جي پوليس سربراهه چيو ته اهو چوڻ تمام جلدي آهي ته فائرنگ ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا يا زخمي ٿيا. پوليس چيف چيو ته هو اڃا تائين حملي کي دهشتگردي جو عمل نٿو چئي سگهي.پوليس موجب هڪ 22 سالن جي نوجوان کي فيلڊ مال ۾ فائرنگ ڪرڻ بعد گرفتار ڪيو ويو آهي.اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو آواز ٻڌڻ تي دڪان ۾ موجود سمورا ماڻهو ٻاهر ڀڄي ويا ۽ هر طرف افراتفري پکڙجي وئي.واضح رهي ته واقعي ۽ حملي آور بابت اڃا تائين وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو