ڊينئل پرل ڪيس، جوابدارن جي آزادي خلاف نظر ثاني درخواست

ڊينئل پرل ڪيس، جوابدارن جي آزادي خلاف نظر ثاني درخواست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت امريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ جوابدارن جِي بريت بابت عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. اطلاعات واري وزير سيد ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته جوابدارن قتل جو اقرار ڪيو هو. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي 28 جنوري واري فيصلي تي نظر ثاني ڪري. ياد رهي ته جسٽس مسير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عمر شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. امريڪي صحافي کي 2002 ۾ اغوا بعد ضبح ڪيو ويو هو، ٽرائل ڪورٽ عمر شيخ کي موت ۽ سندس 3 ٻين ساٿين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ عمر شيخ جي سزا موت کي عمر قيد ۾ تبديل ڪندي باقي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو