ڊيموڪريٽس پاران جو بائيڊن صدارتي اميدوار نامزد

ڊيموڪريٽس پاران جو بائيڊن صدارتي اميدوار نامزد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نومبر 2020 ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن لاءِ ڊيموڪريٽس پاران جو بائيڊن کي صدر جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ڊيموڪريٽس جي 4 ڏينهن واري ڪنوينشن ۾ ٻئي ڏينهن ئي ريبلڪن جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ سان سندس ڀيٽ ڪندي کيس بهتر اميدوار قرار ڏيندي چيو ويو ته سابق فوجي جو بائيڊن جرئت مند شخص آهي. آمريڪا جي 50 ئي رياستن ۽ ستن علائقن مان ڊيموڪريٽڪ پارٽي يڪراءِ سندس قيادت تي اعتماد ڪندي اميدوار نامزد ڪيو. ويڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي هن سڀني جو ٿوورو مڃيو. خميس تي پورو ٿيندڙ هن ڪنوينشن ۾ اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر ۽ بل ڪلنٽن به شرڪت ڪئي. جن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي هٽائڻ ضرور آهي ڇو ته سندس پاليسين ملڪ لاءِ ٺيڪ ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو